SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اسپراٽلي ٻيٽ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


اسپراٽلي ٻيٽ

Spratly Islands

اسپرئٽلي آئيلنڊ

چين جي ڏاکڻين طرف موجود سمنڊ ۾ تقريبن 600 ميلن جي ايراضيءَ تي ڦهليل ننڍا ٻيٽ ملن ٿا، جن ۾ مختلف سامونڊي جيوت به وجود رکي ٿي. هنن ٻيٽن وٽان واپار جي خيال کان مُختلف ملڪن جي سامونڊي جهازن (خاص طور تي سنگاپور ۽ جپان جي سامونڊي جهازن) جو گذرڻ ٿيندو آهي. اهي گهڻي قدر ويران ٻيٽ آهن، جتي انسانن جو ڪو به وڏو قبيلو نٿو ملي، نه ئي ٻيٽن کي اڃا تائين معدنيات ڳولڻ ۽ اُن جي استعمال ڪرڻ جي حوالي سان پوري طرح کوٽيو ويو آهي. پر ارضياتي ماهرن جي تحقيق مطابق هنن ٻيٽن ۾ تيل ۽ گئس جا ڪافي وڏا ذخيرا موجود آهن. بين الاقوامي حوالي سان هنن ٻيٽن جي سڃاڻپ چين، تائيوان، ويٽنام، فلپائن، ملائيِشيا ۽ برونائي جي وچ ۾ مٽبي رهي آهي ۽ انهن ٻيٽن جي ورهاست ۽ دعويداريءَ تي هلندڙ پُراڻو تڪرار آهي. 1939ع ۾ ٻي جنگ عظيم دؤران جپان هنن ٻيٽن تي قبضو ڪيو، پر آسپاس جي دٻاءَ سبب اُن جلدئي پنهنجون فوجون ٻيٽن تان هٽائي ڇڏيون. 1951ع ۾ سان فرانسسڪو ۾ ٿيل امن مُعاهدي واري ڪانفرنس دؤران، جپان ”اسپريٽلي آئلينڊز“ ۾ پنهنجي حصي کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام ويو. چين، تائيوان، ويٽنام ۽ فلپائن طرفان هنن ٻيٽن سان حدون ملڻ ڪري، انهن پنهنجي حدن ۾ ايندڙ ٻيٽن يا انهن جي حصن ۾ فوجون بيهاري ڇڏيون آهن. جون 1997ع ۾ هانگ ڪانگ جي چين جو حصو ٿيڻ ۽ ساڻس شامل ٿيڻ کان پوءِ هي مسئلو اڃان ڳنڀير ٿي ويو. ڇاڪاڻ جو چين ساڻس لاڳاپيل ڏاکڻي سامونڊي علائقي واري حصي ۾ بحري فوج جي مدد سان انهن ٻيٽن تي پوريءَ طرح قبضو ڪرڻ چاهي ٿو. چين جي انهيءَ خواهشن جي ڪري چين ۽ تائيوان جي وچ ۾ هلندڙ پراڻن جهڳڙن اڃا وڌيڪ زور پڪڙيو آهي. ويٽنام ۽ چين جي وچ ۾ به سفارتي سطح تي تعلقات ۾ ويڇا اچي ويا. بين ”الاقوامي انصاف جي عدالت“ (ICJ) جي ذريعي ۽ چين-آمريڪا مذاڪرات جي مدد سان هن مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر اڃا تائين ڪو به مستقل حل نه نڪري سگهيو آهي. ”سرد جنگ“ جي خاتمي کانپوءِ، ”اسپريٽلي آئلينڊز“ جو مسئلو ايشيا ۾ هلندڙ وڏن مسئلن منجهان هڪ آهي، جنهن جي حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ علائقي ۾ جنگ جي صورتحال پئدا ٿي سگهي ٿي


Remember Me Also:

ڳڻ

ذ . سن . گُڻَ احسان ، ٿورو ، مهرباني ، ڀلائي ، لائق ، ڀال ، وڙ ، گُڻُ، لڇڻ، عادت. خوءِ ، خصلت ، خوبي. هنر، فن، لياقت. مڇيءَ جي آنِيءَ جو هڪ پاسو پرمانند.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal